ايران سان معاهدي لاءِ تيار آهيون پر ايٽمي معاملي تي کين لچڪ ڏيکارڻي پوندي، وينس

ايران سان معاهدي لاءِ تيار آهيون پر ايٽمي معاملي تي کين لچڪ ڏيکارڻي پوندي، وينس

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا ايران سان معاهدي لاءِ تيار آهي، پر ايران کي پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت لچڪ ڏيکارڻي پوندي ۽ پنهنجي ايٽمي افزودگيءَ جي صلاحيت گهٽائڻي پوندي.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس روئٽرز کي انٽرويو ۾ چيو ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ايران کي پنهنجي ايٽمي افزودگيءَ جي صلاحيت گهٽائڻي پوندي. هن چيو ته اهو واضح ناهي ته ايران ۾ فيصلا آخر ڪهڙي طريقي سان ڪيا وڃن ٿا.
جي ڊي وينس چيو ته مستقبل ۾ ايٽمي سرگرمين ۾ گهٽتائي جي رڳو خاطري ڪافي نه هوندي. جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار نٿو چاهي ته پوءِ کيس 60 سيڪڙو تائين افزودہ ٿيل ٻارڻ جي ضرورت ڇو آهي؟
هن چيو ته جيڪڏهن ايران اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته هو ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ته پوءِ کيس انتهائي افزودہ ٿيل ٻارڻ تيار نه ڪرڻ گهرجي.
آمريڪي نائب صدر چيو ته آمريڪا اڃا تائين ايران سان معاهدي لاءِ تيار آهي، پر ايران کي پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت لچڪ ڏيکارڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته واشنگٽن کي اها خبر ناهي ته تهران ۾ فيصلا ڪرڻ جو اختيار اصل ۾ ڪنهن وٽ آهي. آمريڪا ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر اهو واضح ناهي ته ايران جي طاقت جي ڍانچي ۾ انهن ٻنهي وٽ ڪيترا اختيار آهن. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي مارجڻ کان پوءِ اها صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي.
آمريڪي نائب صدر چيو ته هن جنگ جي ميدان جي صورتحال بابت فيلڊ ڪمانڊرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ايران خلاف جنگ ۾ هٿيارن جي کوٽ کي منهن نه پيو ڏنو وڃي.
هن چيو ته ايران وقت بوقت واپاري جهازن کي آبنائي هرمز ۾ نشانو بڻائي رهيو آهي، پر ايران هرمز ذريعي توانائي جي برآمدات روڪڻ ۾ وڏي حد تائين ناڪام رهيو آهي.
ان کان علاوه، سندس چوڻ هو ته هو اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته ايندڙ صدارتي چونڊ وڙهندو يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو