تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا جي نئين پابندين ۽ معاشي دٻاءُ جي مهم کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا معاشي دٻاءُ ذريعي به ايران کان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندو.ايراني صدر چيو ته آمريڪا جنگ دوران به پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو ۽ هاڻي به معاشي دٻاءُ ذريعي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.مسعود پيزڪيان چيو ته ايران معاشي دٻاءُ جي منهن ۾ ثابت قدم رهندو، جيئن هو هاڻي تائين ثابت قدم رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ثابت قدم رهندو.










