آمريڪي ڪمپني پاڪستان لاءِ جديد ترين ڊرون ٺاهيندي

آمريڪي ڪمپني پاڪستان لاءِ جديد ترين ڊرون ٺاهيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير اربع ڏينهن آمريڪا ۾ قائم دفاعي ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي ڪمپني پاورس (POWERUS) جي وفد سان دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ سهڪار جي امڪاني شعبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران دفاعي سامان جي خريداري، پيداوار ۽ صلاحيت وڌائڻ جي شعبن ۾ سهڪار جي موقعن تي غور ڪيو ويو.
پاور يو ايس جي وفد جي اڳواڻي رابرٽ بريٽ ويليڪوچ ڪئي. ملاقات دوران سي ڊي ايف عاصم منير قومي سلامتي ۽ ملڪ جي مضبوط مزاحمتي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ جديد حلن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.
ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي ڄاڻايو آهي ته اها اهڙو هارڊويئر ۽ گڏيل نظام جو ڍانچو تيار ڪري ٿي، جيڪو انتهائي حساس ۽ اهم ماحول ۾ ضروري اثاثن ۽ نظامن کي هلندڙ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
جنوري ۾ آمريڪا ۽ پاڪستاني فوج جي اهلڪارن ايڪسرسائز انسپايرڊ گيمبٽ دوران نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر ۾ گڏيل تربيت مڪمل ڪئي هئي. ان مشق جو ڌيان گڏيل پيادل فوج جي مهارتن ۽ حڪمت عملين سان گڏ دهشتگردي خلاف ڪاررواين تي هو.
گذريل سال ڊسمبر ۾ آمريڪا پاڪستان جي ايف-16 جنگي جهازن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اپ گريڊ پيڪيجز جي وڪري جي منظوري ڏني هئي. ان معاهدي جي ماليت لڳ ڀڳ 68 ڪروڙ 60 لک ڊالر ٻڌائي وئي هئي. هي ملاقات ته 16 سيپٽمبر تي ٿي هئي ۽ 17 سيپٽمبر تي ڪمپني جي چيف سان ڳالهائڻ بعد رائٽرز خبر ڏني آهي ته هن ڪمپني جو پاڪستان سان ايم او يو تي صحيح به ڪئي آهي جنهن موجب هو پاڪستان لاءِ جديد ترين ڊرون ٺاهيندا، جيڪو زمين ۽ سمنڊ مان اڏامي سگهندو. رائٽرز موجب پاورس نالي ڪمپني آڪٽوبر ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻنهي پٽن واري ملڪيت واري ڪمپني ۾ ضم ٿيندي. ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ ايرڪ ٽرمپ عملي طور تي ڪنهن به بزنيس عهدي تي نه هوندا رڳو سيڙپڪاري ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو