گوگل ڪروم ويب برائوزر فوري اپڊيٽ ڪريو

گوگل ڪروم ويب برائوزر فوري اپڊيٽ ڪريو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ويب برائوزر ۾ موجود حفاظتي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ لاءِ نئين اپڊيٽ جاري ڪئي آهي.
ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن مان لڳ ڀڳ 50 کان 60 سيڪڙو ماڻهو ويب برائوزنگ لاءِ گوگل ڪروم کي ترجيح ڏين ٿا، تنهن ڪري ان ۾ موجود ڪا به حفاظتي ڪمزوري وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي.
ونڊوز آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ڪمپيوٽرن ۾ ڪروم برائوزر جي حوالي سان اهي حفاظتي ڪمزوريون سامهون آيون هيون.
نئين اپڊيٽ ۾ مجموعي طور 32 حفاظتي ڪمزورين کي درست ڪيو ويو آهي.
انهن مان سڀ کان وڌيڪ سنگين ڪمزوري CVE-2026-102331 آهي، جنهن کي هيڪر ڪمپيوٽر جي ياداشت (ميموري) ۾ خرابي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
ڪروم برائوزر کي اپڊيٽ ڪيئن ڪجي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادو اپڊيٽ ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن اوهان کي خبر ناهي ته اوهان جو برائوزر اپڊيٽ ٿيل آهي يا نه، ته ڪروم کولڻ کان پوءِ مٿي ساڄي پاسي موجود ٽن نقطن واري مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
اتي صفحي جي کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ موجود About Chrome تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ ڪروم اوهان کي ٻڌائيندو ته برائوزر جديد ورزن تي اپڊيٽ ٿيل آهي يا نه. جيڪڏهن اپڊيٽ موجود هوندي ته ڪروم پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيندو.
اپڊيٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ Relaunch تي ڪلڪ ڪريو. ان سان ڪروم ٻيهر کلي ويندو ۽ برائوزر نئين ورزن تي اپڊيٽ ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو