سکر پوليس ڪارروايون، 2 جوابدار گرفتار

سکر پوليس ڪارروايون، 2 جوابدار گرفتار

سکر (جئيرام بختيارپوري ) ايس ايس پي سکر احمد چوڌري جي هدايتن تي منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سکر پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. پوليس مختلف ڪاررواين دوران چرس ۽ شراب سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪنڌرا ٿاڻو ايس ايڇ او ڪنڌرا ٿاڻي پاران حدن اندر اسنيپ چيڪنگ دوران ڪامياب ڪارروائي ڪندي جوابدار اسلام شر کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 1040 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن ٿاڻو ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي پاران حدن اندر ڪارروائي ڪندي جوابدار اعجاز احمد کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان شراب جون 4 بوتلون هٿ ڪيون ويون.جوابدار خلاف 3/4 ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو