خانپورمهر ۾ جهيڙو، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

خانپورمهر ۾ جهيڙو، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (ن س): خانپورمهر ويجهو ڪرڙو ملڪ واري علائقي جي ڳوٺ ميهر ملڪ ۾ زمين جي مالڪي تان ملڪ ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.مليل ڄاڻ موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي ۽ قبضي واري معاملي تان اڳ ئي تڪرار هلندڙ هو، جيڪو مبينا طور تي وڌي جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي لٺين سان مبينا طور حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جي عورت مائي موران لولائي ۽ ٻي ڌر جو چاڪر ملڪ زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ زخمين کي علاج لاءِ خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو