ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت مير رضا علي قتل ڪيس ۾ جوڊيشل ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد شروع ڪندي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) قائم ڪري ڇڏي آهي.مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ڪندو، جڏهن ته ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، انٽيليجنس بيورو، پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جا سينيئر نمائندا پڻ شامل هوندا.سنڌ حڪومت لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا نمائندا نامزد ڪرڻ لاءِ خط موڪلي ڇڏيا آهن.ٻئي طرف، جوڊيشل ڪميشن جي سفارشن تي وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي گريڊ 20 يا ان کان مٿي جي آفيسر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ٻي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر جي نامزدگيءَ جي درخواست ڪئي آهي. تجويز ڪيل ڪميٽيءَ ۾ ڊي آءِ جي عرفان علي بلوچ ۽ ڊي آءِ جي نعيم احمد شيخ پڻ شامل هوندا.هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار علي لاڙڪ تي ٻڌل هڪ رڪني جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ نامزد پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪردار جو جائزو وٺندي. ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان علي بلوچ ڪميٽيءَ جي مدد ڪندو.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽيءَ کي چئن نقطن تي جاچ ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جن ۾ نامزد آفيسرن ۽ اهلڪارن جي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ، مجموعي پوليسنگ جي ڪارڪردگيءَ جو تعين ڪرڻ، واقعي واري هنڌ کي ساڙڻ جي معاملي ۾ انسپيڪٽر غوث جي ڪردار جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ ۽ نتيجن توڙي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪرڻ شامل آهن.جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ نامزد پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي سنڌ کي خط پڻ موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن جا مشاهدا ۽ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽيءَ جون سفارشون به آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻيون ويون آهن.سنڌ جي گهرو کاتي جوڊيشل ڪميشن جي مشاهدن جي روشنيءَ ۾ سيڪريٽري صحت کي پڻ خط لکيو آهي.ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي مير رضا علي جو شروعاتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه شيخ کي عهدي تان هٽائي ٻن سالن جي تربيت لاءِ موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي.










