اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان (ٽي ٽي اي پي) آچر ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان قدم کي غيرآئيني ۽ جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.
تحريڪ اعلان ڪيو آهي ته گورنر راڄ کي عدالتن، اسيمبلين ۽ عوامي فورمن تي چئلينج ڪيو ويندو، جڏهن ته لانگ مارچ به اعلانيل پروگرام موجب جاري رهندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته گورنر راڄ ۽ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ سان صوبي جا مسئلا حل نه ٿيندا. هن زور ڏنو ته دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي اتفاق راءِ سان گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ ضروري آهي.
هن انهن الزامن کي رد ڪيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي.
هن سوال ڪيو ته ”جيڪڏهن دهشتگرديءَ جو مسئلو 12 ضلعن ۾ آهي ته پوءِ سڄي صوبي ۾ گورنر راڄ ڇو لاڳو ڪيو ويو آهي؟“
گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مسلسل مذمت ڪندي رهي آهي ۽ ملڪ جي سلامتي توڙي دفاع کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي. تنهن هوندي به، سندس موقف هو ته دهشتگرديءَ خلاف قدمن کي سندس پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ جو جواز نه بڻايو وڃي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ گورنر راڄ کي عدالتن، اسيمبلين ۽ عوامي فورمن تي چئلينج ڪندي ۽ آئيني توڙي جمهوري حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين سياسي قيدين جي آزادي ۽ پارٽيءَ جي باني توڙي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا قانوني حق بحال ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته عمران خان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي، سندس خاندان کي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي ۽ سندس صحت توڙي علاج بابت تفصيل وارثن سان ونڊيا وڃن.
گوهر علي خان چيو ته پارٽيءَ پنهنجي قيد ۾ موجود باني کي رليف ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن سان 19 ڀيرا رابطو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته عدالتن مان رليف نه ملڻ کانپوءِ 5 آگسٽ تي لانگ مارچ جو اعلان عمران خان جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو.
هن دعويٰ ڪئي ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا لڳ ڀڳ 1,500 ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ جا 10 ميمبر، جن ۾ ٽي وزير به شامل آهن، ۽ قومي اسيمبليءَ جا اٺ ميمبر پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ بابت حڪومت جي بيانن کي رد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ خلاف سياسي ڪارروائيءَ کي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ڪوششن سان ڳنڍڻ نه گهرجي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته 2 آڪٽوبر کان اڳ حڪومت جي نمائندن سان ٿيل 15 ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جو معاملو بحث هيٺ نه آيو هو. سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا حڪومت پوليس جي صلاحيت وڌائي، سيڪيورٽيءَ لاءِ وسيلا فراهم ڪيا ۽ دهشتگرديءَ خلاف اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي.
گوهر علي خان چيو ته وفاقي مداخلت سبب صوبائي حڪومت جا اختيار ڪمزور ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل وڏي وزير کي پاسيرو ڪرڻ جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي.
دهشتگرديءَ خلاف حڪمت عمليءَ تي اتفاق راءِ ضروري آهي
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته سندس پارٽي دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل اتفاق سان حڪمت عملي ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي آپريشنن بابت فيصلا سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت سان ٿيڻ گهرجن.
پاراچنار معاهدي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پارٽيءَ جو موقف شروع کان واضح رهيو آهي ۽ هوءَ نيون شرطون لاڳو ڪرڻ بدران اڳ ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد چاهي ٿي.
هن چيو ته پارٽيءَ فيبروري 2026ع ۾ ٿيل ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۽ امن جرڳي ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ کي اڳتي وڌڻ لاءِ بنياد بڻايو هو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته وڏي وزير سهيل آفريدي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت کي اها کليل اجازت نٿي ڏئي سگهي ته اها پنهنجي مرضيءَ موجب جيڪي چاهي، سو ڪري.
هن چيو ته ”اسان ڪنهن کي به لکت ۾ اها اجازت نٿا ڏئي سگهون ته هو جيڪو چاهي ڪري ۽ پوءِ اسان ان جي توثيق به ڪريون.“
هن وڌيڪ چيو ته گورنر راڄ يا هنگامي حالت بابت ڪو به فيصلو آئيني اصولن ۽ سياسي اتفاق راءِ موجب ٿيڻ گهرجي.
سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته ڳالهين دوران محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان به مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ به ڳالهين واري عمل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته ڳالهيون اطمينان بخش انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون هيون ۽ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو ويو. هن سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي بيان جو حوالو پڻ ڏنو، جنهن موجب ڳالهين ۾ اڳڀرائي صحيح رخ ۾ ٿي رهي هئي.
ٽي ٽي اي پي جي اڳواڻ صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي گرفتاريءَ کي غيرمعمولي قدم قرار ڏيندي چيو ته اسيمبلي اڃا تائين موجود آهي.
پي ٽي آءِ خلاف سخت ڪارروائين باوجود سلمان اڪرم راجا چيو ته پارٽي پنهنجن اصولن تي قائم آهي ۽ امن قائم ڪرڻ توڙي بيگناهه ماڻهن جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن تصديق ڪئي ته وڏي وزير سهيل آفريدي پاران لانگ مارچ جي اعلان ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پرامن احتجاج بنيادي آئيني حق آهي.
هن چيو ته ”اسان پٿر نه اڇلائينداسين. پرامن احتجاج ذريعي اسان کي پنهنجو اخلاقي موقف ظاهر ڪرڻو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين جو وڏي پيماني تي پرامن مظاهرو هڪ مضبوط پيغام ڏيندو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته جمهوريت خلاف قرار ڏنل قدمن تي پنهنجي ناراضگي ڪيئن ظاهر ڪرڻي آهي، اهو عوام پاڻ طئي ڪندو. هن سياسي احتجاج ۽ انقلابي ڪارروائيءَ ۾ فرق رکڻ تي پڻ زور ڏنو.
قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو وڃي
مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس چيو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي، جنهن جا صوبا هڪ ئي آئين جي ڇانوَ هيٺ متحد آهن. هن پي ٽي آءِ سان ڪيل ورتاءَ تي تنقيد ڪئي.
هن دعويٰ ڪئي ته چونڊن ۾ عمران خان کي عوام جي اڪثريت جي حمايت حاصل ٿي هئي ۽ حڪمران ڌر عوامي مينڊيٽ کان خوفزده آهي، جنهن سبب پي ٽي آءِ کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي.
علامه راجا ناصر عباس موجوده بدامنيءَ جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏيندي چيو ته اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي طرزِ عمل ملڪ کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جيترو نقصان ملڪ جا ٻاهرين دشمن به نٿا پهچائي سگهن.
هن قومي ايڪشن پلان (اين اي پي)تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي چيو ته ڳالهين جي شروعات کان وٺي گذريل ست ڏينهن دوران سياسي ٺاهه ڏانهن اڳڀرائي ڪري سگهجي پئي.
علامه راجا ناصر عباس وڌيڪ چيو ته سندس پارٽي اهڙن فوجي آپريشنن جي حمايت نٿي ڪري سگهي، جن ۾ عام شهري متاثر ٿين. هن زور ڏنو ته دهشتگرديءَ خلاف قدمن جو مقصد شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان پڻ ڌار پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جي سخت مخالفت ڪندي ان کي غير جمهوري عمل قرار ڏيندي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.










