تهران(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير تهران ۾ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف ۽ سيڪيورٽي سربراهه محسن رضائي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ جنگبندي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايراني صدر سان ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ فيلڊ مارشل سان گڏ هو.
پاڪستان هلندڙ سال آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ختم ڪرائڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جا ايراني قيادت سان رابطا ۽ تهران جو دورو به انهيءَ سفارتي عمل جو حصو آهن.
جنگ کان پوءِ فيلڊ مارشل جو ايران جو هي چوٿون دورو آهي، پر هينئر تائين ڪيل ڪوششن باوجود تڪرار جي مستقل حل ۽ آبنائي هرمز ۾ معمول جي اچ وڃ بحال ڪرڻ لاءِ اهم چئلينج برقرار آهن.
خبر ايجنسي رائٽرز موجب، فيلڊ مارشل سان ملاقاتن دوران ايراني قيادت واضح ڪيو ته مطالبا پورا ٿيڻ تائين آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون.
ايراني خابرو اداري نور نيوز موجب، فيلڊ مارشل سان ملاقات دوران ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو ته جيستائين آمريڪا آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ لاءِ ايران پاران گذريل مهيني پيش ڪيل ست شرط پورا نٿو ڪري، تيستائين تهران واشنگٽن تي ٻيهر اعتماد نٿو ڪري سگهي.
ايران جي مطالبن ۾ ايراني بندرگاهن جي آمريڪي ناڪابندي ختم ڪرڻ، ايراني تيل جي برآمد تي پابنديون هٽائڻ ۽ خطي جي سمورن محاذن تي جنگبندي شامل آهن.
ايران جي سيڪيورٽي سربراهه محسن رضائي پڻ فيلڊ مارشل عاصم منير سان الڳ ملاقات ۾ ساڳيو موقف ورجايو ته تهران جا مطالبا پورا ٿيڻ تائين آمريڪا سان ڳالهيون نه ٿينديون. ايران پنهنجو رچيل جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر منتقل نه ڪندو.
ايراني خابرو اداري ارنا موجب، ساڳئي ملاقات دوران فيلڊ مارشل واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سرحد کليل آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ سرحد بند ڪرڻ جون خبرون شايع ٿيون هيون.
ارنا موجب، يورينيم جي منتقلي واري معاملي تي محسن رضائي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي موقف کي ورجائيندي چيو ته هٿيارن جي معيار جي ويجهو افزودا ڪيل يورينيم پرڏيهه نه موڪليو ويندو.
ٻئي طرف آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هن مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته جنگ ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ ايران کي يورينيم افزودا ڪرڻ جي پنهنجي صلاحيت ۾ بامعنيٰ گهٽتائي آڻڻي پوندي.
واضح رهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين مغربي ملڪن ڊگهي عرصي کان ايران تي جوهري هٿيار تيار ڪرڻ جي ڪوششن جا الزام لڳايا آهن. سندن چوڻ آهي ته ايران پاران يورينيم کي 60 سيڪڙو تائين افزودا ڪرڻ ڳڻتيءَ جو سبب آهي، ڇاڪاڻ ته اها سطح عام مقصدن لاءِ گهربل افزودگيءَ کان گهڻي وڌيڪ آهي. جڏهن ته جوهري هٿيارن جي معيار تائين پهچڻ لاءِ عام طور لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو افزودگي گهربل هوندي آهي.
ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ جي ڪوششن بابت الزامن کي رد ڪندو رهيو آهي.
ان کان اڳ جون ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبنديءَ لاءِ هڪ عبوري امن معاهدو ٿيو هو، پر ڪجهه هفتن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ سبب اها اڳڀرائي برقرار نه رهي سگهي.
ايران پاران ڳالهين کي پنهنجا مطالبا پورا ٿيڻ سان مشروط ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي اهميت وڌي وئي آهي. تنهن هوندي به ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي بحالي ۽ جنگ جي خاتمي جا امڪان اڃا تائين غيريقيني آهن.










