نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ گڏيل قومي جي جنرل اسمبلي کي خطاب ۾ چيو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهندو، اڳ ۾هو مڊل ايسٽ ۾ بدمعاشي ڪندو هو، جيڪا هاڻي نه ڪري سگهندو.
هن چيو ته اسين ايران تي ڀرپور حملا ڪيا آهن، سندن معيشت تباهه آهي، مهانگائي 300 يڪڙو وڌي وئي آهي. ايران دنيا ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو هو. اسين ايران تي پابنديون لاڳو ڪيون آهي، يورپ سميت پوري دنيا کي ان تي سختي سان عمل ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ”بهترين انسان“ قرار ڏنو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مئي 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪردار جو ذڪر ڪيو.
ايران سان جنگ، مصنوعي ذهانت ۽ گڏيل قومن تي تنقيد سميت مختلف موضوعن تي ڪيل پنهنجي خطاب دوران ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر انهن 8 تڪرارن جو ذڪر ڪيو، جن کي ختم ڪرائڻ ۾ هن پنهنجي ڪردار جي دعويٰ ڪئي.
ٽرمپ چيو، ”جڏهن کان مون عهدو سنڀاليو آهي، تڏهن کان منهنجي لاءِ اهو اعزاز رهيو آهي ته مون اٺ جنگيون ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ائين ڪندي انهن ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪيا.“ هن وڌيڪ چيو، ”اهو ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو.“
هن چيو ته هو پنهنجن ”بهترين لاڳاپن“ سان گڏوگڏ محصولن جي استعمال ذريعي اهي تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
انهن ملڪن جا نالا ڳڻائيندي هن چيو ته ”پاڪستان ۽ ڀارت“ به انهن تڪرارن ۾ شامل آهن، جيڪي هن ختم ڪرايا، جڏهن ته ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان ۽ غزه جو تڪرار پڻ انهن ۾ شامل هئا. هن چيو ته انهن مان لڳ ڀڳ سڀني ملڪن کيس سندس ڪردار تي ٿورا مڃڻ لاءِ خط لکيا هئا.
ٽرمپ وڌيڪ چيو، ”پاڪستان جو وزيراعظم ــ هڪ شاندار انسان ــ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ 3 ڪروڙ زندگيون ۽ شايد ان کان به وڌيڪ زندگيون بچائڻ جو ذميوار هو.“
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف حملن جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو مئي ۾ ٽرمپ جي ڪوششن سان جنگبندي جي اعلان تي ختم ٿيو. ان کان پوءِ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪردار جو ذڪر ڪري چڪو آهي.
ٽرمپ دفاعي فوجن جي سربراهه ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي به ڪيترن ئي موقعن تي ساراهه ڪري چڪو آهي. هن کيس ”تمام گهڻو عزت وارو جنرل“، ”عظيم جنگجو“ ۽ ”منهنجو پسنديده“ فيلڊ مارشل قرار ڏنو آهي.
ٽرمپ جي ڌمڪي: امن معاهدو نه ٿيو ته ايران کي ’تباهه‘ ڪري سگهي ٿو
ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ اهو دليل به ڏنو ته ايران سان جنگ سبب تهران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪو معاهدو نه ٿيو ته هو ”اسلامي جمهوريه کي مڪمل طور تباهه“ ڪري سگهي ٿو.
ٽرمپ اڳڪٿي ڪندي چيو ته سندس انتظاميا 3 نومبر تي ٿيندڙ آمريڪي وچ مدتي چونڊن کان پوءِ ايران سان امن معاهدو ڪندي. هن ٻين ملڪن تي به زور ڏنو ته اهي ايران کي معاشي طور اڪيلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏ ٿين، جيئن تهران کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ تي مجبور ڪري سگهجي.
ٽرمپ چيو، ”مون کي هڪ وڏو فيصلو ڪرڻو آهي. ڇا ايران سان اهڙو معاهدو ٿيندو، جيڪو کيس ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان کان به وڌيڪ طاقتور ملڪ بڻجڻ جي اجازت ڏئي؟“
”يا مان اسلامي جمهوريه کي تباهه ڪري ڇڏيان ۽ اهو ڪم تيزيءَ سان ڪريان، ۽ کيس ٻيهر ماڻهن ۽ ملڪن کي مارڻ ۽ تباهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏيان؟“
ٽرمپ وڌيڪ چيو، ”ڇا مان انهن کي اهڙي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيان، جتان سندن بقا جو ڪو امڪان ۽ مستقبل ۾ عظمت يا ايندڙ نسلن لاءِ ڪا اميد ئي نه بچي؟ پر منهنجو يقين آهي ته چونڊن کان فوراً پوءِ اسان هڪ معاهدو ڪري وٺنداسين.“
اهي بيان ايران سان جنگ بابت ٽرمپ طرفان پيش ڪيل تازو جواز آهن. ان کان اڳ هو فيبروري ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڪيل حملن جا مختلف سبب ٻڌائي چڪو آهي، جن ۾ تهران جو ايٽمي پروگرام، علائقائي اتحادي هٿياربند گروهن لاءِ ان جي حمايت ۽ حڪومت جي تبديلي جو امڪان شامل هئا.
ايران مسلسل ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ چاهي ٿو.
ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو، ”منهنجو يقين آهي ته چونڊن کان فوراً پوءِ اسان هڪ معاهدو ڪري وٺنداسين، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ معاهدو نه ڪرڻ جو ڪو مطلب نٿو بڻجي. اهي ڏسي رهيا آهن ته وچ مدتي چونڊن ۾ منهنجي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي ٿي.“
هن چيو، ”مان سڀني ملڪن کي اپيل ڪريان ٿو ته ايران کي مڪمل معاشي اڪيلائي ۾ رکڻ لاءِ مدد ڪن.“
سڀني ملڪن کي ’بدمعاش اداري‘ آءِ سي سي ڇڏڻ جي اپيل
پنهنجي خطاب دوران آمريڪي صدر انهن سڀني ملڪن کي به اپيل ڪئي، جيڪي عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جا ميمبر آهن، ته اهي ان اداري کان الڳ ٿي وڃن. هن عدالت کي ”قابو کان ٻاهر“ قرار ڏنو.
هن چيو، ”آمريڪا به ’قابو کان ٻاهر‘ اداري، يعني عالمي فوجداري عدالت، جي سخت مخالفت ڪري ٿو.“
هن وڌيڪ چيو، ”مان آءِ سي سي جي ميمبر سڀني ملڪن کي اپيل ڪريان ٿو ته هو فوري طور تي هن بدمعاش اداري مان باضابطه طور نڪري وڃن.“
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو آءِ سي سي کي ”سر کان پير تائين، هڪ هڪ سرن سان“ ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪري چڪو آهي ۽ عدالت کي ”آمريڪي خودمختياري لاءِ ناقابل برداشت خطرو“ قرار ڏئي چڪو آهي. هي عدالت دنيا جي سنگين ترين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس هلائي ٿي.
واشنگٽن آءِ سي سي جي عملدارن تي پابندين جو هڪ سلسلو لاڳو ڪري چڪو آهي. آمريڪا ان وقت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، جڏهن عدالت اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ــ جيڪو آمريڪا جو ويجهو اتحادي آهي ــ جي گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيو.
ٽرمپ چيو ته واشنگٽن ”ڪڏهن به آمريڪي فوجين يا ڪنهن ٻئي شخص کي اهڙي آمريڪا مخالف عدالت طرفان جاچ يا اهڙي عدالت ۾ ڏيکاءَ جي ڪارروائي جو نشانو بڻجڻ نه ڏيندو، جنهن کي اسان تي ڪو اختيار ئي حاصل ناهي.“
آمريڪا عالمي فوجداري عدالت جو ميمبر ناهي ۽ هن عدالت قائم ڪندڙ روم معاهدي جي ڪڏهن به توثيق ناهي ڪئي. اسرائيل، روس ۽ چين پڻ آءِ سي سي جا ميمبر ناهن.
صدر ٽرمپ جي تقرير مان هڪ موقعي تي ايئن لڳو ته ڄڻ هو ڪنهن عالمي فورم نه پر پنهنجي چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهي.
هن گرين لينڊ جي معاهدي کي شاندار دفاعي معاهدو قرار ته ڏنو پر ڪي تفصيل شيئر نه ڪيا. هن مصنوعي ذهانت تي پابندين جي به مخالفت ڪئي.
هن گڏيل قومن تي کاٻي ڌر جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جو الزام هڻندي چيو ته اسين هاني به سندن اربين ڊالرز جا فند روڪيا آهي جيتوڻيڪ کين 82 ڪروڙ 70 لک ڊالر جاري ڪيا آهن.










