ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ رتيديري ۾ قبيلائي دهشتگردي ۾ پيءُ پُٽ سميت 05 ڄڻن جي جيءَ جهوريندڙ قتل واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مقامي سردارن ۽ برادرين جي انا جي ڪري قيمتي انساني حياتين جو نقصان معمول بڻجندو پيو وڃي، قبيلائي جهيڙا سنڌ ۾ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، جنهن ۾ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ۽ هزارين ويڙها ويران ٿي چڪا آهن.رڳو هڪ ضلعي شڪارپور ۾ قبيلائي جيهڙن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. پوليس جي ناقص ڪارڪردگي، انصاف ۾ دير ۽ حڪومتي بي حسي سبب قبيلائي جهيڙن ۾ اضافو، ڪاروبار ٺُپ، امن ۽ تعليم تباه ۽ روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا. صوبائي امير گهر ڪئي ته حڪومت سنڌ ۾ قبيلائي جيهڙن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي، خطرناڪ هٿيارن جي روڪ ٿام توڙي اڳرائي ڪندڙ ڌُرين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي. سنڌ جو امن تباهه ڪندڙ سنڌ جا خيرخواهه هرگز ڪونه آهن. سنڌ جي امير ڏکويل خاندان سان همدردي ۽ مرحومين جي مغفرت لاءِ پڻ دُعا ڪئي.#










