راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه ۾ پاڪ فوج جو تربيتي جهاز حادثي جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽس شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب اڄ 12 آڪٽوبر 2026 تي ٻنپهرن جي وقت پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو مشتاق تربيتي جهاز ڪوئٽه جي علائقي نوان ڪلي جي ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي ويو پاڪ فوج جي ترجمان موجب جهاز کي ٽيڪنيڪي خرابي سبب حادثو پيش آيو.آءِ ايس پي آر موجب انهي افسوسناڪ حادثي ۾ جهاز ۾ سوار ٻئي پائليٽس شهيد ٿي ويا، جن ۾ انسٽرڪٽر پائلٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ تربيت هيٺ پائليٽ ڪيپٽن عبدالصمد شامل آهن. آءِ ايس پي آر ٻنهي آفيسرن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ڪوئٽه ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.هن ڪوئٽه جي علڪائقي نوان ڪلي جي ڀرسان پاڪ فوج جي ايوي ايشن جي تربيتي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۾ انسٽرڪٽر پائليٽ ميجر حسنين شهزاد، همايون ۽ شاگرد پائلٽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.صدر آصف علي زرداري طرفان به ڪوئيٽا ڀرسان پاڪ فوج جي تربيتي جهاز حادثي ۾ ٻن پائليٽن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو.صدر آصف زرداري ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪئپٽن عبدالصمد جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪئي. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.










