ٽرئفڪ جام جو نوٽيس،جلد رستا بحال ڪرڻ جو حڪم

ٽرئفڪ جام جو نوٽيس،جلد رستا بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي شهيدِ ملت ايڪسپريس وي تي بدترين ٽرئفڪ جام جو سخت نوٽيس وٺندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ محمود آباد کان بلوچ ڪالوني فلائي اوور تائين هزارين گاڏيون ڦاسڻ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ان کان سواءِ وزيراعليٰ سنڌ ٽرئفڪ پوليس اختيارين کي فوري طور تي رستا بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ڊي آءِ جي ٽرئفڪ کي به حڪم ڏنو آهي ته هو فوري طور پاڻ فيلڊ ۾ نڪري صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ٽرئفڪ جي روانيءَ کي يقيني بڻائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو