ايس بي سي اي ۾ ٽائون وار نظام قائم، مقرريون ۽ بدليون

ايس بي سي اي ۾ ٽائون وار نظام قائم، مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) جي آفيس مان جاري ڪيل باضابطه نوٽيفڪيشنز موجب، حڪومت سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ اينڊ ايڇ ٽي پي (HTP) کاتي جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ فوري طور تي ۽ ايندڙ حڪمن تائين ٽائون وار نظام قائم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آفيسرن ۽ عملي جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. هن انتظامي فيصلي جو مقصد عمارتن جي ڪنٽرول واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، غيرقانوني اڏاوتن جي روڪٿام، ڪارڪردگيءَ ۾ تيزي آڻڻ ۽ ٽائون سطح تي معاملن کي شفاف نموني هلائڻ آهي. جن ٽائونز ۾ آفيسرن (ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ڊائريڪٽرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن، سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽرن ۽ بلڊنگ انسپيڪٽرن) کي مقرر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ هيٺيان ٽائون شامل آهن: بلديه ٽائون ۽ چنيسر ٽائون ،گڊاپ ٽائون ۽ مومن آباد، موريو ميربحر ۽ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون ۽ صدر، صفورا ۽ شاهه فيصل ٽائون، سهراب ڳوٺ ۽ گلبرگ، گلشن اقبال ۽ ابراهيم حيدري، جناح ٽائون ۽ ڪورنگي، لانڍي ۽ لياقت آباد، لياري ۽ ملير، منگهوپير ۽ موريپور / ماڙيپور ۽ ماڊل ڪالوني جي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فوري طور تي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀالين. هن قدم سان عمارتن بابت ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ترت ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو