اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت توشه خانه بابت ضابطا وڌيڪ سخت ڪندي توشه خانه مينيجمينٽ اينڊ ريگيوليشن رولز 2026 لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو ڪابينا ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نون ضابطن تحت وزيراعظم ۽ صدر مملڪت کانسواءِ ٻين سرڪاري عهديدارن کي تحفا وصول ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي، جڏهن ته توشه خانه ۾ موجود ۽ مستقبل ۾ وصول ٿيندڙ تحفن جي کليل عوامي نيلامي ڪئي ويندي. نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم پٺتي پيل علائقن ۾ نياڻين جي تعليم تي خرچ ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب ثقافتي، تاريخي ۽ سفارتي حساسيت رکندڙ تحفا نيلام نه ڪيا ويندا. نيلامي ترجيحي طور سال ۾ ٻه ڀيرا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو لازمي ڪرائي ويندي، جڏهن ته سرڪاري عهديدار ۽ سندن خاندان جا ڀاتي نيلامي ۾ حصو نه وٺي سگهندا. سيٽ جي صورت ۾ موجود تحفا الڳ الڳ وڪرو نه ڪيا ويندا ۽ نيلامي جي سڌي ميڊيا ڪوريج پڻ ڪئي ويندي. تحفن بابت فيصلن لاءِ ڪابينا سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ناڻي، پرڏيهي، قانون ۽ ثقافت ڊويزنن جا ايڊيشنل سيڪريٽري شامل هوندا. ڪميٽي طئي ڪندي ته ڪهڙا تحفا نيلام ڪيا وڃن ۽ ڪهڙا تاريخي يا حساس حيثيت سبب محفوظ رکيا وڃن. نون ضابطن تحت سفارتي آداب سبب تحفو وٺڻ لازمي هجي ته اهو توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻو پوندو. وصول ٿيل تحفو 30 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته پرڏيهي دوري کان واپسي تي به 30 ڏينهن اندر تحفو جمع ڪرائڻو پوندو. الڳ جهاز ذريعي موصول ٿيندڙ تحفن لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت مقرر ڪئي وئي آهي. گريڊ هڪ کان چار تائين جا ملازم نقد انعام پاڻ وٽ رکي سگهندا. تحفن جي مارڪيٽ ويليو ايف بي آر ۽ خانگي تخميني ڪندڙ طئي ڪندا. ٻنهي تخمينن ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ فرق جي صورت ۾ ٽئين تخميني ڪندڙ جي راءِ کي حتمي قرار ڏنو ويندو، جڏهن ته حواله قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت (AI) کان به مدد وٺي سگهبي. هٿيارن جي قيمت پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واهه طئي ڪندي. ضابطن موجب مقرر مدي اندر تحفو جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ۾ شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي. توشه خانه جي تحفن جي حفاظت گريڊ 20 جي آفيسر حوالي هوندي، جڏهن ته اسٽور روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ مناسب لاڪنگ جو انتظام لازمي قرار ڏنو ويو آهي. نون ضابطن تحت سمورن تحفن جو رڪارڊ ۽ تصويرون ويب پورٽل تي شايع ڪيون وينديون، جڏهن ته تحفو ڏيندڙ شخصيت ۽ ملڪ جو نالو ظاهر نه ڪيو ويندو.










