گهوٽڪي: سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 8 زخمي

گهوٽڪي: سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 8 زخمي

گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي ڀرسان مرڻاس برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ڳوٺ ڪيھر مرڻاس ۾ مرڻاس برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ٽي ڄڻا قتل جڏهن ته 8 سخت زخمي ٿي پيا.گهوٽڪي ڀرسان ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد اندر ڳوٺ ڪيھر مرڻاس ۾ مرڻاس برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان تان مبينا طور جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ استاد بلاول مرڻاس، مختيار مرڻاس، ۽ وقار مرڻاس قتل ٿي ويا جڏهن ته 3 عورتن ۽ 5 مردن جي سخت زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ سامهون اچي ويا آهن.واقعي کانپوءِ زخمين ۽ قتل ٿي ويلن جي لاشن کي مقامي ماڻهن جي مدد سان اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، زخمين ۾ ڪجهه ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃيجهيڙي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس طرفان جهيڙي جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو