اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ روڪيل گاڏين کي رليز ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ چيو آهي ته سياسي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ لوڊڊ ۽ خالي گاڏيون روڪيون ويون آهن. 72 ڪلاڪن جي اندر سموريون گاڏيون رليز نه ڪيون ويون ته آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.ٻئي پاسي پريس ڪانفرنس جي دوران گهرو معاملن بابت وزير طلال چوڌري اسلام آباد ۾ روڊ ڪناري رکيل ڪنٽينرز تي خرچن جي باري ۾ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڪنٽينر مالڪن سان ڪرايو ڏيڻ جي لاءِ منهنجي انهن سان باقاعدگي سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن ڪنهن جو سامان وارو ڪنٽينر نه آهي. انهن جا ماڻهو ڪرايو طئي ڪندا آهن انهي جو هڪ طريقيڪار آهي اهڙي ڪابه شڪايت نه ٿيندي.شهزاد اعواڻ دعويٰ ڪئي ته راولپنڊي، مندره، گوجر خان، سوهاوه، دينه، لاهور، گوجرانواله، گجرات، وزيرآباد، سيالڪوٽ، بلسڪر، تله گنگ، چڪوال، ميانوالي، ملتان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ به وڏي تعداد ۾ گاڏين کي روڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسلام آباد مان رليز ڪيل تقريبن 50 گاڏيون راولپنڊي ۾ ٻيهر روڪيون ويون جڏهن ته راولپنڊي مان رليز ٿيل 40 لوڊڊ گاڏيون بلڪسر، تله گنگ ۽ چڪوال جي علائقن ۾ روڪيون ويون آهن.شهزاد اعواڻ چيو ته گاڏين جي بندش سبب ٽرانسپورٽر کي روزاني ڪروڙين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته سامان جي ورهاست جو نظام به متاثر ٿي رهيو آهي. انهي معاملي تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، عبدالعليم خان ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله سان ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن.هن چيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد جي حڪمن باوجود لوڊڊ گاڏين جو رليز نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وفاقي ۽ پنجاب حڪومت فوري مداخلت ڪندي سموريون لوڊڊ گاڏيون رليز ڪرائي.










