ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نارٿ ناظم آباد بلاڪ اين ۾ پوليس مقابلي دوران 3 مبينا ڦورو مارجي ويا. ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران موجب جوابدار هڪ شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا، مزاحمت تي ڦورن شهري کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس جي بروقت پهچڻ تي جوابدارن اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ٽئي جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.










