اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي خانگي اسپتال مان علاج واري معاملي کانپوءِ اڊيالا جيل جي ٽن قيدين به خانگي اسپتالن مان علاج ۽ گهر وارن سان رابطي لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد آصف قيدين الپياس خان، محمد اسماعيل خان ۽ اوئيس الطاف جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کان پيراوائيز ڪمنٽس طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.درخواستگذار محمد اسماعيل جي وڪيل بئريسٽر اختر عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل هيموفيليا جي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ کيس اندروني رت جي وهڪري (Interal Bleeding) جو سامھون آهي. ٻن مهينن ۾ کيس ڏهه ڀيرا اسپتال آندو ويو پر ڪو افاقو نه ٿيو. وڪيل موجب هن مرض جو مڪمل علاج في الحال پاڪستان ۾ صرف شفا اسپتال ۾ ئي ممڪن آهي. هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بيماريءَ جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ ممڪن نه هجي ته قيديءَ کي خانگي اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو ۽ علاج جا خرچ گهر وارا برداست ڪري سگهن ٿا. وڪيل ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي استدعا به ڪئي.درخواستگذار اويس الطاف جو وڪيل سيد جعفر ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو. هن ٻڌايو ته اوئيس الطاف بخار ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ مناسب علاج قيديءَ جو بنيادي حق آهي. وڪيل استدعا ڪئي ته سرڪاري اسپتال ۾ علاج ممڪن نه هجڻ ڪري کيس شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.محمد اسماعيل جي وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته سندس موڪل نو سالن کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهي جڏهن ته سندس هڪ ڀاءُ دبيءَ ۾ مقيم آهي ۽ سالن کان ساڻس ڪو رابطو ناهي ٿيو. عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته جيل ۽ عدالت اختيارين کي واٽس ايپ ڪال ذريعي ڀاءُ سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.عدالت ٽنهي ڪيسن ۾ پيراوائيز ڪمنٽس طلب ڪندي جيل حڪام کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










