ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ کير جي واپارين کير جو في ليٽر اگهه 300 رپيا مقرر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ٻين تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب مال پالڻ ۽ کير جي فراهمي جا خرچ وڌي ويا آهن، جنهن ڪري فارمرز سخت معاشي دٻاءَ جو شڪار آهن.ترجمان موجب کير جي صنعت مسلسل بحران جو شڪار آهي، پر ڪمشنر ڪراچي پاران فارمرز جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي مناسب سرڪاري اگهه مقرر نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن کير جو مناسب سرڪاري اگهه مقرر نه ڪيو ويو ته کير جو في ليٽر اگهه 300 رپيا ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميا فارمرز ۽ کير جي واپارين سان صلاح مشورا ڪري کير جو نئون مناسب اگهه مقرر ڪري، جيئن فارمرز کي وڌندڙ خرچن مان رليف ملي سگهي ۽ صارفين تي به اوچتو اضافي بار نه پوي.










