ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نادرا جي سهولت مرڪزن تي عمري جي زائرين کان ويڪسين جي اصل فيس کان هزارين رپيا وڌيڪ وصول ڪيا پيا وڃن.پاڪ-آئي ڊي ايپ تي انفلوئنزا ويڪسين جي فيس 1,720 رپيا ۽ ميننجائٽس ويڪسين جي فيس 2,785 رپيا آهي، جنهن سان مجموعي خرچ 4,505 رپيا ٿئي ٿو.جڏهن ته سهولت مرڪزن کي صرف 150 رپيا سروس فيس وصول ڪرڻ گهرجي، پر اڪثر مرڪزن تي ڊگهيون قطارون ڏٺيون پيون وڃن ۽ زائرين کان مجموعي طور تي 6,000 کان 7,000 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن.عمري جي زائرين جي وڏي تعداد کي جديد موبائيل فونز ۽ پاڪ-آئي ڊي سسٽم بابت ڄاڻ نه آهي؛ نتيجي طور، اڪثر مرڪزن تي وڏي پيماني تي اضافي فيس وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.










