سنڌ جي ورهاڱي جي سازش قبول نه ڪنداسين: مگسي

سنڌ جي ورهاڱي جي سازش قبول نه ڪنداسين: مگسي

گهارو (رپورٽر: بشام جوکيو): سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ آهن، سنڌ جي تاريخي وحدت، قومي وجود ۽ وسيلن خلاف ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوششن کي ايس ٽي پي ناڪام بڻائيندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ”سنڌ منهنجي امان“ جي سري هيٺ جاري عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ گهاري پهتو، جتي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر جلال شاهه، ستار چانڊيو، روي ڪمار ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. گهاري ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سنڌين جو تاريخي مادر وطن آهي ۽ ان جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته نون صوبن جو راڳ ڳائيندڙ تاريخ کان اڻواقف آهن، سنڌ جي ڌرتيءَ کي ٽوڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ايس ٽي پي ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ مان صوبي واري معاملي تي قرارداد منظور ڪرائي آهي، جيڪو سٺو عمل آهي ۽ ايس ٽي پي ان جي آجيان ڪري ٿي. ڊاڪٽر قادر مگسي عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي ورهاڱي واري سازش خلاف ايس ٽي پي پاران 15 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ عوامي جلسي ۾ لکين ماڻهن جي انگ ۾ شرڪت ڪئي وڃي. عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر قادر مگسي گهاري مان ميرپور ساڪري روانو ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو