ملڪ هلائيندڙن کي به احساس ٿيو ته  نظام اثرائتو ناهي رھيو: ڪمال

ملڪ هلائيندڙن کي به احساس ٿيو ته نظام اثرائتو ناهي رھيو: ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ هلائيندڙن کي به هاڻي احساس ٿي چڪو آهي ته موجوده نظام اثرائتو ناهي رهيو، جڏهن ته ملڪ جي صحت واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن سان گڏ نجي شعبي ۽ يونيورسٽين جو سهڪار به ضروري آهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته دنيا هاڻي طرزِ زندگي سان لاڳاپيل طبي طريقن ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهنڪري پاڪستان ۾ به بيمارين جي علاج سان گڏ انهن کان اڳواٽ بچاءَ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارا رڳو حڪومت اڪيلي سر نٿي آڻي سگهي، ان لاءِ نجي شعبي ۽ يونيورسٽين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته علاج تي خرچ ڪرڻ بدران بيمارين کان بچاءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. آبادي ۾ مسلسل واڌ سبب صحت جو نظام دٻاءَ هيٺ آهي، تنهنڪري رڳو اسپتالن جو انگ وڌائڻ مسئلي جو مڪمل حل ناهي، پر مريضن جو انگ گهٽائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا. مصطفيٰ ڪمال صحت جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ جو صحت وارو نظام تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. سندس موجب، هر سال لڳ ڀڳ 11 هزار مائرون ٻار ڄڻڻ دوران حياتيون وڃائي ويهن ٿيون، جڏهن ته روزانو 1300 ٻارن جي موت جا انگ اکر پڻ ڳڻتي جوڳا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انتظامي يونٽن ۽ حڪمراني جي نظام بابت سنجيده بحث جاري آهي ۽ ملڪ هلائيندڙن کي احساس ٿي ويو آهي ته موجوده نظام هاڻي اثرائتو ثابت نه ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو