ڪراچي جي 70 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ناهي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي جي 70 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ناهي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته شهر جي 70 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته باقي 30 سيڪڙو نيٽ ورڪ تي لوڊشيڊنگ جاري آهي. ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ جي نيٽ ورڪ جو ٽه ماهي جائزو مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن دوران مختلف فيڊرز جي ڪارڪردگيءَ ۾ ٿيندڙ تبديليءَ جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويو. هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو دارومدار بجليءَ جي چوري ۽ بلن جي عدم ادائيگيءَ تي هوندو آهي. ترجمان موجب ڪورنگي، اورنگي ٽائون ۽ جمشيد ٽائون جي ڪيترن ئي فيڊرز کي هاءِ لاس مان ميڊيم لاس واري درجي ۾ آندو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال بجلي چورن خلاف لڳ ڀڳ 5 هزار ڪارروايون ڪيون ويون، جڏهن ته بجليءَ جي نيٽ ورڪ مان 44 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ غيرقانوني تارون هٽايون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو