ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت يا ڪنهن به سياسي شخصيت طرفان يونيورسٽين جي معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪئي پئي وڃي، وائيس چانسلرن جون مقرريون ميرٽ ۽ شفاف طريقيڪار تحت ڪيون پيون وڃن. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر جي استعيفيٰ بابت بيان ڏيندي اسماعيل راهو چيو ته استعيفيٰ جو جائزو وٺڻ بعد قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽين ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه ڪئي پئي وڃي ۽ وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ اهليت کي بنياد بڻايو وڃي ٿو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر پروفيسر حسين مهدي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سندس چوڻ هو ته هو سياسي ۽ ڏوهاري عنصرن جي دٻاءَ ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي. ذريعن موجب يونيورسٽي ۾ گھوسٽ ملازمن ۽ هراسان ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي پڻ وائيس چانسلر جي استعيفيٰ جو سبب بڻي، جڏهن ته مٿس هراسان ڪرڻ جا الزام هڻي عهدي تان هٽائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.










