غلام حسين لغاري
سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ضلعي يادگار ڪاميٽي جي گڏيل انتظامن تحت اڄ 27 ۽ 28 نومبر تي سنڌ جي بزرگ اولياء الله ۽ سنڌي سرائيڪي جي عظيم شاعر حضرت حمل فقير لغاري جو ساليانو عرس ملهائجي رهيو آهي۔جڏهن ثقافت کاتو عرس ملهائڻ کان نابري ورائيندا هئا تڏهن تر جا سندس عاشق پنهنجي سطح تي هن بزرگ جو عرس پنهنجي سطح تي پنهنجي وسيلن تحت ملهائيندا هئا۔اڌي صدي کن ته نواب شاهه ضلعي جي سياسي سماجي شخصيت سائين سيد امداد محمد شاهه کي اهو اعزازي حاصل رهيو جنهن حمل فقير جي عظمت کي عوامي سطح تي اجاڳر رکيو۽ ميلا لڳرائيندو رهيو۔نوابشاهه ضلعي انتظاميه به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي هئي صوفي محفلون مچنديون هيون زرعي صنعتي نمائش لڳندي هئي۔هاڻ ڪجهه عرصي کان فقيري رنگ ۾ ورتل سڪرنڊ جو بزرگ سماجي اڳواڻ فقير محمد صالح ڪيريو صاحب هن صوفي بزرگ شاعر جي مزار جي سارسنڀال لهڻ ۾ اڳڀرو آهي۔هن سال به پاڻ وسندي وسندي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر پهچي اديبن ليکڪن شاعرن سياسي سماجي ڪارڪنن کي دعوت نامه پهچايا آهن کيس جس هجي ۔جتي ڳوٺ مير خان لغاري جي لغارين کي اڳتي وڌڻ گهربو هو اتي هن بزرگ جي ٻاهريان پيا سار سنڀال ڪن ميلا پيا لڳرائين جيڪا مثبت ڳالهه آهي۔
حمل فقير لغاري (1809ع – 1880ع) دور جو سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو نامور صوفي شاعر رهيو آهي جنهن پنهنجي شاعري وسيلي عوام کي امن محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ۽ هر هنڌ ڳائجي ٿي۔حمل فقير لعاري جا وڏا ميرن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ڊيرا غازي خان کان لڏي خيرپور رياست ۾ اچي رهيا بعد ۾ سڪرنڊ لڳ مير خان لغاري نالي پنهنجو الڳ ڳوٺ ٻڌو جيڪو قومي شاهراه جي اوڀر ۾ ڪلوميٽر ڏيڍ کن مفاصلي تي آهي ۽ ڳوٺ جي اتر ۾ هن بزرگ جي مزار واقع آهي۔جڏهن حمل فقير لغاري جا وڏا خيرپور رياست ڏانهن لڏي آيا هئا ته انوقت ميان سعيد خان مير سبزل ڪوٽ جو نواب هو. مير رستم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي گهرو لڙاين سبب حمل جي مائٽن کي خيرپور رياست جي علائقن کي ڇڏڻو پيو هو۔ حمل جا نواب سعيد خان جي پٽ سان لاڳاپا هئا. انهيءَ ڪري حمل جا مائٽ سڪرنڊ تعلقي ۾ ڳوٺ مير خان لغاري جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد خان ۾ اچي ويٺا بعد ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌو۔
آء ڪافي ڀيرا ڳوٺ مير خان لغاري وڃي چڪو آهيان هڪ ٻه ڀيرا درگاهه تي حاضري ڀرڻ سان گڏ عرس جي تقريبات ۾ به شريڪ ڪري چڪو آهيان تڏهن عرس جي تقريبات جو سرواڻ سائين سيد امداد محمد شاهه جن هئا شايد ضلعي انتظاميه ميلي جي انعقاد لاء سرگرم هوندي هئي ثقافت کاتي جو ٽڪي جو به دخل نه هوندو هو۔سائين امداد محمد شاهه جي ڪوششن سان پهريون ڀيرو هن بزرگ جي مزار جو ڪم ٿيو هو جيڪو پنجاهه سالن کان وري ٻيهر ٿي ناهي سگهيو جو سنڌ جو ثقافت کاتو شايد چاهيندي به نٿو چاهي۔قومي شاهراهه کان ڳوٺ تائين روڊ به ويڪرو ۽ پڪو ناهي ٿي سگهيو نه وري ڳوٺ کان درگاهه تائين ڪو روڊ آهي زائرين کي سوڙهين ۽ ڪچين گهٽين مان گذرڻو پوي ٿو۔ڏٺو وڃي ته سچل سائين شاهه عنايت کانپوء سنڌ جو هي ٻيو مک بزرگ اولياء الله ۽ شاعر آهي جنهن کي سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي قومي سطح تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي۔هڪ ته مزار جي توسيع جو ڪو خاطرخواهه ڪم ٿي ناهي سگهيو جڏهن ته زائرين جي رهائش لاء به ڪي جوڳا انتظام ناهن مسافرخاني ۽ وسيع آڳر جي ضرورت آهي۔قومي شاهراهه کان درگاهه تائين پڪو ۽ ڪشادو روڊ ٺهڻ گهرجي۔حمل فقير لغاري جي شاعري جا تفصيلي ڪتاب ڇپجڻ گهرجن ۽ انجي شاعري تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي۔ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڪجهه ٻين محققن جو ڪم ٿيل آهي پر انهن جي وفاتن بعد تحقيقي ڪم اڳتي وڌي ناهي سگهيو جيڪو وڌڻ گهرجي۔هن بزرگ جي مزار لڳ هڪ لئبرري ۽ ڪانفرنس هال تعمير ڪرڻ گهرجي جتي ادبي ثقافتي تقريبون آرام سان منعقد ٿي سگهن۔ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ٻاهرين هنڌن تان ايندڙ اديبن ليکڪن شاعرن فنڪارن ۽ زرعي نمائش لاء شريڪ ٿيندڙن لاء هاسٽل نما رهائشگاهه بمع ريسٽورينٽ جي تعمير به وقت جي ضرورت آهي۔ صفائي سٿرائي ۽ زائرين لاء صاف سٿري ٿڌي پاڻي جون سبيلون به وقت جي ضرورت آهي۔
سنڌ جو ثقافت جيڪڏهن هن بزرگ جي مالڪي ڪرڻ چاهي ٿو ڀلي ڪري سٺو قدم آهي پر حمل فقير لغاري ميلا ڪيميٽي جوڙڻ گهرجي جيڪا تقريبات جي نگراني ڪري۔ڊپٽي ڪمشنر ميلا ڪاميٽي جو چيئرمن هجڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ جي مک اديبن شاعرن ليکڪن کي ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ڪرڻ گهرجي جن جي صلاح مشوري سان ئي تقريبات جو انٿقاد ٿيڻ گهرجي۔ميلي کي ٽن ڏينهن تائين جاري رکڻ گهرجي جنهن ۾ عوام ۽ زائرين جي تفريح وارا پروگرام هجڻ گهرجن جنهن لاء درگاهه جي آسپاس ۾ وڏي ايراضي مخصوص ڪرڻ گهرجي جيئن ميلي وقت زائرين کي رهڻ گهمڻ زيارت ڪرڻ ۾ تڪليف پهچي نه سگهي۔جيڪا به ڪاميٽي جڙي ان ۾ ڳوٺ جي چڱن مڙسن سماجي سياسي اڳواڻن کي به شامل ڪرڻ گهرجي۔
ڪالهه تائين اهي اطلاع آهن سنڌ جي ڪا اهم مک شخصيت وڏو يا ننڍو وزير يا ثقافت کاتي جو سيڪريٽري هن ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ کان نابري واري آهي البته وري به پ پ پ نوابشاهه جي سياسي قيادت هن ميلي ۾ شريڪ ٿيندو۔سگهڙ ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو اهتمام ٿيل آهي۔سنڌ جو ناليوار شاعر اديب سگهڙ براڊڪاسٽر جناب نصير مرزا صاحب تقريبات کي چار چنڊ لڳرائڻ لاء شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي۔










