يو اين سيڪريٽري جنرل سڀاڻي پاڪستان پهچندو

يو اين سيڪريٽري جنرل سڀاڻي پاڪستان پهچندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اهم دوري تي سڀاڻي صبح پاڪستان پهچندو، جتي هو اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. دوري دوران انتونيو گوتريس وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتون ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو پڻ دورو ڪندو، جتي هو ٻوڏ کانپوءِ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو وٺندو. واضح رهي ته 2022ع ۾ پاڪستان کي شديد ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو هو، جنهن کانپوءِ انتونيو گوتريس ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪيو هو. ان کانسواءِ انتونيو گوتريس اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر مشن يو اين ايم او جي آءِ پي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو. يو اين ايم او جي آءِ پي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصرن جو مشن آهي. گڏيل قومن جو موجوده سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 1949ع ۾ پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ پيدا ٿيو. هن انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته هو پرتگالي، انگريزي، فرانسيسي ۽ اسپيني ٻوليون رواني سان ڳالهائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو