ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گلشن اقبال ۾ بيت المڪرم مسجد ڀرسان بي آر ٽي منصوبي لاءِ تعمير هيٺ پل جو ڍانچو اوچتو ڪري پيو، جنهن جي ملبي هيٺان دٻجي هڪ ڊيوٽي گارڊ فوت ٿي ويو.ريسڪيو ترجمان موجب حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائي ڪري ملبي مان فوت ٿيل شخص جو لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ملبي هيٺان وڌيڪ ڪا لاش يا زخمي شخص موجود ناهي. اختيارين موجب ڪريل پل جو ڍانچو بي آر ٽي منصوبي جو حصو هو.










