ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو فيلڊ مارشل بابت پنهنجي گذريل ڏينهن واري بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس بيان پنهنجي مفهوم جي اعتبار کان غير ارادي هو، جنهن سان ڪنهن به قسم جي غلط فهمي پيدا ٿي هجي ته هو ان تي دلي طور افسوس ڪري ٿو.نثار کهڙي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته ”فيلڊ مارشل جي حوالي سان گذريل ڏينهن منهنجو بيان پنهنجي مفهوم جي اعتبار کان غير ارادي هو، مون کي ان بيان تي دلي طور افسوس آهي. هن چيو ته هو اداري جي وقار جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ۽ سندس لفظن مان جيڪڏهن ڪا غلط فهمي پيدا ٿي هجي ته ان تي کيس افسوس آهي. نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته سندس مقصد ڪنهن اداري جي وقار يا احترام کي متاثر ڪرڻ نه هو، جڏهن ته هن پنهنجي بيان جي حوالي سان پيدا ٿيل غلط فهمي تي وضاحت پيش ڪئي آهي.










