ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت نون صوبن جي حق ۾ ناهي ۽ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن کان بچڻ لاءِ تبديليون ڪيون پيون وڃن.فاروق ستار ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي کي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي 18 سالن تائين سنڌ ۾ تباهي مچائي. هاڻي جيڪڏهن انهن جو بار ورهايو پيو وڃي ته انهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. انتظامي يونٽن کان احتساب جو معاملو آسان ٿيندو.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي سازش جي طور تي نامناسب وقت تي آندو ويو، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ آرٽيڪل 140 اي جي نفي آهي.










