بجلي بحران، شارٽ فال ساڍا 4 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو

بجلي بحران، شارٽ فال ساڍا 4 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، بجلي جو شارٽ فال ساڍا 4 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي. فوڪل پرسن ينگ انجنيئرنگ ڪائونسل عثمان فاروق موجب بجلي جي نظام مان ڪيترائي پاور هائوس ٻاهر ٿي ويا آهن، جن جي 16 آڪٽوبر تائين واپس اچڻ جو امڪان آهي. پاور هائوس بند ٿيڻ سبب بجلي جو شارٽ فال ساڍا 4 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي، جنهن سان ليسڪو سميت سمورن ڊسڪوز ۾ صورتحال خراب ٿي وئي آهي.عثمان فاروق ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ فال سبب غير اعلانيل لوڊشيڊنگ 3 کان 4 ڪلاڪن تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گئس کانپوءِ ڊيزل ۽ پاڻي مان بجلي جي پيداوار پڻ گهٽجي وئي آهي. ٻئي طرف ليسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته طلب وڌڻ سبب شارٽ فال هڪ هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي ۽ هر ڪلاڪ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي. ذريعن موجب ليسڪو چيف جي مطالبي باوجود بجلي جو ڪوٽا وڌائي نه سگهيو ويو آهي، جڏهن ته بجلي جو نظام هن وقت خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو