ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ پاڪستان جي معيشت، واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ جا خوبصورت سامونڊي علائقا ملڪ جي قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي اثاثن جو اهم حصو آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا سامونڊي ڪنارا، ساحلي پٽي ۽ سامونڊي وسيلا ترقي ۽ خوشحالي جا وسيع موقعا رکن ٿا. ورلڊ ميري ٽائيم ڊي اسان کي سامونڊي شعبي ۾ عالمي معيارن تي اثرائتي نموني عملدرآمد جو پيغام ڏئي ٿو. هن سال عالمي سامونڊي ڏھاڙي جو پيغام آهي ته پاليسي کان عملي اپائن ۽ عملي اپائن کان ميري ٽائيم ايڪسيلينس تائين سفر جاري رکڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم کان پوءِ هاڻي اسان ڪيٽي بندر کي ڊيپ سي پورٽ بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. ڪيٽي بندر جي ترقي سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ معاشي سرگرمين، واپار، روزگار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته محفوظ، ماحول دوست ۽ اثرائتو سامونڊي نظام پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ ناگزير آهي. سامونڊي وسيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدت ذريعي ترقي جي نون موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ميري ٽائيم شعبي ۾ مهارت، تربيت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيتن ۾ واڌ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ساحلي علائقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي معاشي ۽ سياحتي صلاحيت مان ڀرپور فائدو وٺڻ ضروري آهي. سامونڊي آلودگي جو خاتمو ۽ سامونڊي جيوت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته سامونڊي ۽ ساحلي ماحولياتي نظام جو تحفظ مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان هڪ محفوظ، سرسبز ۽ مضبوط ميري ٽائيم شعبي جي واڌاري لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. عالمي سامونڊي معيارن تي عملدرآمد سان پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ رڳو واپار جو ذريعو ناهي، پر روزگار، معيشت، ماحول ۽ مستقبل سان ڳنڍيل هڪ اهم قومي اثاثو آهي. سنڌ جي ساحلي علائقن جي ترقي، ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي آبادي جي خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي ساحلن، سامونڊي وسيلن ۽ ميري ٽائيم شعبي جي ترقي ملڪ جي معاشي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌ جا خوبصورت سامونڊي ڪنارا پاڪستان جي قدرتي حسن جو اهم حصو آهن، انهن جو تحفظ ۽ واڌارو اسان سڀني جي ذميواري آهي. سنڌ جي وڏي وزير عالمي سامونڊي ڏينھن جي موقعي تي محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست سامونڊي مستقبل لاءِ عزم ورجائيندي چيو ته پاليسي سازي کان عملي اپائن تائين ميري ٽائيم شعبي ۾ بهتري ۽ مهارت لاءِ اثرائتا اپاءَ جاري رکڻا پوندا.










