ٽيڪسن جو دائرو وڌايو پيو وڃي: محمد اورنگزيب

ٽيڪسن جو دائرو وڌايو پيو وڃي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ جامع سڌارا لاڳو ڪيا پيا وڃن، ٽيڪسن جو دائرو وڌايو پيو وڃي.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سڌارن جي نتيجي ۾ ٽيڪس وصولي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، غير قانوني معيشت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، ۽ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس جي شرح وڌائڻ اولين ترجيح آهي.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان 3 ارب ڊالر جي 2 حصن تي مشتمل يورو بانڊ جاري ڪيو آهي. هي يورو بانڊ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو بانڊ ٽرانزيڪشن آهي. يورو بانڊ جو جاري ٿيڻ پاڪستان ۾ عالمي ريٽنگ ايجنسين جي اعتماد جو مظهر آهي.محمد اورنگزيب چيو ته 5.5 سال ۽ 10 سالن جي يورو بانڊ لاءِ بهتر قيمت حاصل ڪئي وئي آهي. 3 ارب ڊالر جي يورو بانڊ جو جاري ٿيڻ ڪو عارضي يا اوچتو فيصلو ناهي، يورو بانڊ 3 سالن جي وچولي مدت جي GMTN حڪمت عملي جو حصو آهي.وفاقي وزير خزانه چيو آهي ته اپريل 2025 کان وٺي پاڪستان جي ريٽنگ ۾ 3 ڀيرا بهتري آئي آهي، ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي سيڙپڪارن يورو بانڊز ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، ۽ عالمي سيڙپڪارن جو پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيو آهي.هن چيو ته عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد صرف موجوده صورتحال ۾ نه پر پاڪستان جي مستقبل ۾ پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو