عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 107 ڊالر ڪراس

عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 107 ڊالر ڪراس

دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. سعودي عرب ۾ اهم آئل پائپ لائين بند ٿيڻ ۽ خطي ۾ حوثين جي حملن سميت بحري جهازن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن سبب تيل جي رسد بابت خدشا وڌي ويا آهن. برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 2.90 ڊالر (2.77 سيڪڙو) اضافي بعد 107.51 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ويسٽ ٽئڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت 2.27 ڊالر (2.27 سيڪڙو) واڌ سان 102.32 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي. ڪاروبار جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو هو. گذريل هفتي عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ قيمت جولاءِ کان پوءِ پهرين بهار 100 ڊالر في بيرل کان ئي مٿي هلي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو