دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي؛ ”برنٽ“خام تيل جي قيمت ۾ 1 سيڪڙو (يعني 1.05 ڊالر) واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ اها 108.68 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي.ساڳئي طرح، آمريڪي ”ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ“ (WTI) خام تيل جي قيمت ۾ به 1 سيڪڙو (يعني 95 سينٽ) واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ اها 103.45 ڊالر في بيرل ٿي وئي.روئٽرز موجب تيل جي قيمتن جا اهي ٻئي اهم معيار ان طرف گامزن آهن ته هي هفتو 100 ڊالر في بيرل کان مٿي واري سطح تي ختم ڪن؛ ائين مئي جي وچ ڌاري کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيندو، مشرقِ وسطيٰ ۾ اهم سامونڊي رستن تي وڌندڙ حملن جي نتيجي ۾ شپنگ جي سرگرمين ۾ رڪاوٽن ۽ تيل جي فراهمي ۾ ممڪنه ڊگهي عرصي تائين خلل پيدا ٿيڻ جي خدشن سبب خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ آئي آهي، خميس جي ڏينهن به انهن ٻنهي معيارن (benchmarks) جي قيمتن ۾ 6 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو هو.










