پشاور (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجودا قدمن مان هڪ ٻيو اوڀر پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش نظر اچي رهي آهي. صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته گورنر طرفان گذريل ڏينهن ڪيل ڊرامو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عوام جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چونڊيل حڪومت موجود آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي، ڪابينا ۽ حڪومت مڪمل طور فعال ۽ برقرار آهن. هن چيو ته گورنر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي گهرائي رهيو آهي ۽ غير آئيني اجلاس ڪري رهيو آهي، گورنر جو اهڙي قسم جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضيءَ ۾ به غلط ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، جڏهن ته موجوده قدمن مان هڪ ٻيو اوڀر پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش نظر اچي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪنهن کي به جمهوريت تي شب خون هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، گورنر غير آئيني ڪم ڪيو آهي. جمهوريت جو نعرو هڻندڙ جماعت ماضي ۾ ذاتي مفادن لاءِ بنگلاديش کي پاڪستان کان الڳ ڪيو. ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏيڻ پيپلز پارٽي جو طريقو رهيو آهي، جڏهن ته گورنر جي غير آئيني سرگرمين جو مقصد صوبائي حڪومت کي چڙ ڏيارڻ ۽ ردعمل ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ آهي. خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخوا پوليس وٽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻي پوليس جي ڀيٽ ۾ جديد ترين هٿيار ۽ اوزار موجود آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس، دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ۽ اسپيشل برانچ جي صلاحيت ۾ مسلسل واڌارو ڪيو پيو وڃي. سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته گذريل 22 سالن دوران 14 هزار انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۽ 22 وڏين فوجي ڪارروائين باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن مان موجوده پاليسين جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي. هن اِها به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن صوبي جي اسٽيڪ هولڊرز جي تجويزن موجب پاليسي اختيار ڪئي وڃي ته 100 ڏينهن اندر امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي. وڏي وزير قبائلي ضلعن جي ضم ٿيڻ ۽ مالي وسيلن جي حوالي سان وفاقي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي. هن الزام لڳايو ته 2018ع ۾ انضمام باوجود قبائلي ضلعن کي طئي ٿيل مالي حق نه ملي سگهيا، جڏهن ته انتهاپسندي ۽ فوجي ڪارروائين کان متاثر ماڻهن جي معاوضن جي مد ۾ اربين رپيا اڃا تائين واجب الادا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت بي گهر ماڻهن ۽ متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ هينئر تائين ان مقصد لاءِ 21 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن.
باني پي ٽي آءِ سان ملاقات کانسواءِ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: محمود خان اچڪزئي
اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات کانسواءِ حڪومت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.زوب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن مسئلي جو حل چاهيو ٿا ته حڪومت کي باني پي ٽي آءِ سان اسان جي ملاقات ڪرائڻي پوندي.هن چيو ته اسان ضمانت ڏيون ٿا ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات کانپوءِ مسئلن جي حل تائين ڳالهيون ختم نه ڪنداسين، پر ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو. محمود خان اچڪزئي چيو ته باني پي ٽي آءِ جيڪو چوندو، اسان اهو ئي موقف اڳتي پهچائينداسين. مسئلي جو حل چاهيون ٿا ته باني پي ٽي آءِ سان ملڻو پوندو، جڏهن ته سياسي بحران جو حل ڳالهين ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي آئين جي بالادستي تي متفق ٿيڻ گهرجي. محمود خان اچڪزئي خبردار ڪيو ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته ملڪ جا سمورا چوراها بند ڪنداسين. خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته گورنر راڄ لاڳو ٿيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي ۽ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. اسان شهباز حڪومت کي تسليم نٿا ڪريون.
مارچ ختم ڪرڻ جي چاٻي عمران خان وٽ آهي:شوڪت يوسفزئي
پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته لانگ مارچ جاري آهي ڪنهن جي به دٻاءُ تي ختم نه ٿيندو. لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي چاٻي اڊياله جيله ۾ بند عمران خان وٽ آهي. وزيراعظم ميڊيا تي ڳالهين جي راند نه کيڏي. جيڪڏهن اختيار آهن ته اسان جا جائز مطالبا مڃيا وڃن.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان سان ملاقاتن تي پابندي ختم ٿئي. انهي کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ انهي جا ڪيس ٻڌا وڃن عمران خان جي ڀينرن سميت جيتريون به عورتون گرفتار آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته سهيل آفريدي جي خلاف جيڪا منفي پروپيگنڊا هلي رهي آهي اها انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي. دهشتگردي مينڊيٽ ڦرڻ سان ختم نه ٿيندي. دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ ويهڻو پوندو. اڄ به دعوت ڏيون ٿا ته دهشتگردي ختم ڪرڻي آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ويهاري ۽ مسئلي جو حل ڪڍي.شوڪت يوسفزئي چيو ته جيڪڏهن سهيل آفريدي کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئ ته قبائل اندر ڳڻتي جي لهر پکڙجي ويندي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ملڪي مفاد ۾ نه هوندي ۽ نه آهي انهي سان دهشتگردي ۾ گهٽائي نه ايندي. شوڪت يوسفزئي چيو ته خيبرپختونخواهه جي گورنر ڪهڙي حيثيت ۾ آئي جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي طلب ڪيو ۽ اجلاس ڪيو، 18هين ترميم کان پوءِ ته گورنر وٽ اخروٽ ڀڃڻ جو به اختيار نه آهي.
ڳالهين جا دروازا کليل آهن، رياست کي يرغمال بنائي ڪنهن به مطالبي کي نٿو مڃرائي سگهجي: راڻا ثناءُالله
وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت طرفان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، پي ٽي آءِ ذاتي مفادن کي پاسي تي رکي مسئلن جي حل طرف اچي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته سياسي عدم استحڪام 2014 کان شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. 2014 ۾ اسلام آباد تي چڙهائي کان پوءِ اسلام آباد جو گهيراءُ پي ٽي آءِ جو بنيادي نڪتو رهيو، پي ٽي آءِ اسلام آباد تي ٻيهر چڙهائي جي ڪوشش ۾ آهي، انهي جو واحد ايجنڊا ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي.هن جو چوڻ هو ته سياسي اختلافن جو حل ڳالهيون آهن، پي ٽي آءِ ذاتي مفادن کي پاسي تي رکي مسئلن جي حل طرف اچي، قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جي قانون ۾ اجازت نٿو ڏيان. پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه حڪومت جا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته 4 آڪٽوبر کان هينئر تائين هي صرف ڪجهه هزار ماڻهو ئي جمع ڪري سگهيا آهن، رياست کي يرغمال بنائي ڪنهن به مطالبي کي نٿو مڃرائي سگهجي.راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته افغان رجيم کي سمجهايو ته پنهنجي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيو، افغانستان بابت پاليسي تي پوري قوم متفق آهي، صرف پي ٽي آءِ افغان پاليسي سان متفق نه آهي.وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ڪسٽم ۽ پوليس جا شهيد ڇا ڪنهن سياسي پارٽي يا ٻئي صوبي جا آهن، ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري رهندا.
خيبرپختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو، اسان جي خواهش آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ به ملڪ جي ٻين حصن جيان ترقي ٿئي.وفاقي وزير امير مقام وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آزاد جمون، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جون دهشتگردي جي خلاف قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وفاقي وزير وزيراعظم کي آزاد جمون، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جاري معاملن ۽ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.وزيراعظم آزاد جمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي فلاح، بهبود، ترقي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ موثر قدم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آزاد جمون، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي خوشحالي حڪومت جي اوليت ۾ شامل آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي مشروط دعوت ڏيندي چيو هو ته احتجاج ۽ ڌرڻا ختم ڪريو، اسان جا دروازا کليل آهن، مارچ ۽ ڌرڻن جي خاتمي کان پوءِ ئي ڳالهين جو عمل ممڪن ٿي سگهندو.وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڳالهين کي ڪامياب بنائڻ جون سموريون ڪوششون فائديمند ثابت نه ٿي سگهيون. هڪ طرف ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي ته ٻئي طرف احتجاج سبب برآمدات، درآمدات ۽ مينو فيڪچرنگ سيڪٽر شديد متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي چڪو آهي. هن خبردار ڪيو ته ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست جو سڌو سنئون نشانو معيشت بڻجندي.
بيرسٽر گوهر حڪومت کان غير مشروط ڳالهين جو مطالبو ڪري ڇڏيو
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان ڳالهين کان انڪار نه ڪري رهيا آهيون پر غير مشروط ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ ڳالهين جو ڪامياب ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، گورنر راج يا ايمرجنسي نه لڳڻ گهرجي، صوبو دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن سميت گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، باني پي ٽي آءِ جي علاج لاءِ ڊاڪٽر لنڊن کان ناهي گهرايو ويو، اهو لاهور ۾ به هوندو آهي.بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڳالهين جي مشروط آڇ ڪئي آهي، حڪومت اسان تي پابنديون لڳائي رهي آهي، اسان سياسي ماڻهو آهيون، سياسي ماڻهو غير مشروط تي ويهندا آهن، ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو پر ڳالهيون غير مشروط ٿيڻ گهرجن.هن جو چوڻ هو ته حڪومت ٻاهر نڪري اندر واريون شيون سامهون آنديون، هنن جيترو وقت پريس ڪانفرنسز تي لڳايو جيڪڏهن ايترو وقت ڳالهين تي لڳايو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها، حڪومتي ميمبرن سان رابطه آهن، ڪوشش آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته محسن نقوي سان رات ڪابه ملاقات ناهي ٿي، علامه ناصر عباس سان رات جو ملاقات لاءِ آيو هئس جنهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس تي مشاورت ڪئي، علامه راجا عباس صحيح چيو هو ته ڳالهيون مشروط نه ٿيون آهن، اسان ڳالهين تي واضح ڪيو هو ته انهي سان مسئلا حل نه ٿيندا.










