اسان هٿياربند فوج سان گڏ آهيون: شرجيل ميمڻ

اسان هٿياربند فوج سان گڏ آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به اقتدار جي لالچ نه ڪئي آهي، اسان ملڪ جي بقا خاطر پاڪ فوج سان گڏ آهيون.ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي پنهنجي بيان ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگردن خلاف نرم رويو رکي پنهنجي حڪومت وڃائي آهي. هن جو چوڻ هو ته معصوم ماڻهن جو رت وهندو رهيو، جوان شهيد ٿيندا رهيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ دهشتگردن جون آفيسون کولرائڻ جون ڳالهيون ڪندي رهي. پي ٽي آءِ وٽ خيبرپختونخواهه ۾ سياسي بحران جو الزام پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو جواز نه آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته عوام جي خدمت جي بجاءِ پي ٽي آءِ صوبي کي تفرقي واري سياست ذريعي يرغمال بنائي رکيو آهي، هاڻ انهن کي پنهنجن ئي فيصلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اصولن جي سياست ۽ جمهوريت جي استحڪام تي يقين رکي ٿي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به اقتدار جي لالچ ناهي ڪئي، جيڪڏهن شوق هجي ها ته وفاقي وزارتون وٺون ها ۽ حڪومت ۾ شامل ٿيون ها.هن جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جهڙي تجربيڪار سياستدان طرفان مايوس ڪندڙ بيان ٻڌڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به دهشتگري جو شڪار آهي اميد آهي ته اها دهشتگردي جي خلاف اڻڌريو موقف اختيار ڪندي شهيدن ۽ متاثرين جي گهر ڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو.شرجيل ميمڻ پاڪ فوج جي جوانن کي قوم جو فخر قرار ڏيندي چيو ته هٿياربند فوج اسان جي سلامتي لاءِ مسلسل قربانيون ڏئي رهي آهي. سياسي مفادن کي ڪڏهن به قومي سلامتي ۽ شهيدن جي قربانين تي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو