واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اماراتي اڏام واري واقعي بابت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن دوران کيس ٻڌايو ويو ته جهاز جو ڪو پائلٽ ممڪن طور دهشتگرد هو.اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته نيتن ياهو کيس ٻڌايو ته هڪ اسرائيلي پلمبر ڪو پائلٽ کي قابو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. سندس بقول پلمبر اڳ ڪڏهن به جهاز نه اڏايو هو، پر هن طيارو سنڀالي حادثي کان بچايو. ٽرمپ موجب جهاز جي پوئين حصي ۾ موجود اضافي پائلٽ ۽ سيڪيورٽي اهلڪار بعد ۾ ڪاڪ پٽ تائين پهتا ۽ جهاز جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. آمريڪي صدر واضح ڪيو ته اها ڪهاڻي کيس نيتن ياهو ٻڌائي آهي ۽ کيس خبر ناهي ته اها مڪمل طور درست آهي يا نه. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن چين جي صدر شي جن پنگ سان سياسي قيدين جي آزادي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ڳالهين جا نتيجا نڪرندا. هن چيو ته برطانيا ۾ پيش آيل هڪ واقعي بابت اڄ معلوم ٿيندو ته برطانوي اختيارين شڪي ماڻهن کي ڇو آزاد ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن دبئي کان اسرائيل ويندڙ اماراتي اڏام ۾ هڪ پائلٽ مبينا طور ٻئي پائلٽ تي چاقو سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو هو ۽ جهاز جو ڪنٽرول سنڀالي ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جهاز ۾ 174 مسافر سوار هئا، جن ۾ 169 اسرائيلي شهري شامل هئا. واقعي ۾ ملوث پائلٽ سعودي اختيارين جي تحويل ۾ آهي.










