آفريدي جي نااهلي بابت درخواست اڪلائي وئي

آفريدي جي نااهلي بابت درخواست اڪلائي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي جي نااهلي بابت داخل درخواست غير اثرائتي ٿيڻ تي اڪلائي ڇڏي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سهيل آفريدي هن وقت وڏي وزير جي عهدي تي ناهي، تنهنڪري درخواست رڳو هڪ علمي سوال جي حد تائين رهجي وئي آهي. جيڪڏهن سهيل آفريدي ٻيهر عهدي تي بحال ٿيو ته شير افضل مروت درخواستون ٻيهر بحال ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو.چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ درخواست غير اثرائتي ٿي چڪي آهي. تازي اڳڀرائي کانپوءِ وڏي وزير خلاف درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي نٿي هلائي سگهجي.درخواستگذار شير افضل مروت عدالت کي ٻڌايو ته هو گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ چاهي ٿو، تنهنڪري سهيل آفريدي خلاف درخواست تي کيس ٿوري مهلت ڏني وڃي.جسٽس باقر نجفي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو نفاذ الڳ معاملو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف ڪيس هاڻي اثرائتو معاملو نه رهيو آهي.شير افضل مروت چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي ختم ٿيڻ تي سهيل آفريدي ٻيهر وڏي وزير جي عهدي تي بحال ٿي ويندو.جنهن تي چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته هن وقت سهيل آفريدي وٽ وڏي وزير جو عهدو ناهي. جيڪڏهن هو ٻيهر بحال ٿيو ته شير افضل مروت به درخواست جي بحالي لاءِ متفرق درخواست داخل ڪري سگهي ٿو. عدالت اهڙي ريت درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو