اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ اڻ اعلانيل گورنر راڄ آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. صوبي جي عوام، مينڊيٽ، وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن جو احترام ٿيڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته پارٽي پنهنجي پروگرام جو اعلان گهڻو اڳ ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. سهيل آفريدي سندن وڏو وزير آهي ۽ پارٽي باني کي به مٿس اعتماد آهي، تنهن ڪري هو ئي وڏو وزير رهندو. سهيل آفريدي کي سڀني جي حمايت حاصل آهي ۽ اهو پارٽي باني جون هدايتون آهن.هن چيو ته موجوده سنجيده حالتن ۾، جڏهن لانگ مارچ ٿيڻ وارو آهي، تڏهن ڳالهين جو عمل ضرور ٿيڻ گهرجي. لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ سياسي ماڻهن خلاف نيٽ لانچر استعمال ڪرڻ جو وقت ناهي. سياسي ماڻهن تي نيٽ لانچر استعمال ڪرڻ بدران سندن ڳالهه ٻڌڻ ۽ شڪايتون حل ڪرڻ گهرجن. بيرسٽر گوهر چيو ته هو مطالبو ڪري رهيا آهن ته سندن ڳالهه ٻڌي وڃي. هو پرامن آهن ۽ پنهنجن حقن لاءِ نڪري رهيا آهن، جڏهن ته انصاف لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته بار بار مطالبن باوجود کين نه ٻڌو ويو ۽ نه ئي انصاف مليو. پي ٽي آءِ چيئرمين واضح ڪيو ته ڳالهين لاءِ پارٽيءَ طرفان ڪا به چار رڪني ڪميٽي قائم ناهي ڪئي وئي. مذاکرات بابت علامه راجا ناصر عباس ۽ محمود اچڪزئي جيئن مناسب سمجهن، تيئن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته هو اڳ به پرامن هئا، اڄ به پرامن آهن ۽ اڳتي به پرامن رهندا. ادارن يا اسلام آباد تي حملو نه ڪندا. حڪومت کي اهڙو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حڪومت اهڙو تاثر پيدا ڪندي ته وڏي عوامي حمايت رکندڙ سياسي جماعت کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍيو ويندو، جنهن جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.










