صوبي ۾ ترقي لاءِ معدني وسيلن مان فائدو کڻڻ ضروري آهي: ڪنڊي

صوبي ۾ ترقي لاءِ معدني وسيلن مان فائدو کڻڻ ضروري آهي: ڪنڊي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ ترقي ۽ معدني وسيلن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهي انهي ڪري معدنيات ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ويندو ۽ انهي کي وڪرو به ڪيو ويندو.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته اڳوڻي حڪومت جا ڪجهه مفرور عناصر سرحد پار ويهي ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي حڪومت جا فيصلا اسلام آباد جي بجاءِ ڪابل ۽ قنڌار کان ايندا هئا.هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪيو ويو جن هاڻ هٿيار کڻي ورتا آهن، افغانستان مان ماڻهن کي گهرائي صوبي ۾ آباد ڪيو ويو، صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. رياست جي خلاف هٿيار کڻندڙن جي خلاف وڙهنداسين پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي نه مڃيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، بلوچستان ۾ به بي ايل اي سميت مختلف دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروايون جاري آهن.خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته مولانا فضل الرحمان جي گورنر راڄ بابت موقف کان اتفاق نٿو ڪريان، مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته مان پنهنجي علائقي ۾ گهمي ڦري نٿو سگهان. مولانا موجب صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي پر اهو چوڻ صحيح ناهي ته صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي خطاب مان مايوسي ٿي، مولانا چوندو هو ته انهي کان سواءِ ڪابه حڪومت نه بڻجندي آهي نه هلندي آهي پر مان انهي کي چوان ٿو ته انهي کان سواءِ به خيبرپختونخواهه جي حڪومت بڻجي آهي ۽ اها هلندي به رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو