سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيچيني جي لهر ڇانيل آهي، عوام سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ آءِ پي پيز کي ادائيگيون ڪرڻ بدران عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ اٽو 25 رپيا في ڪلو ۽ کنڊ 40 رپيا في ڪلو جي حساب سان دستياب ٿي سگهي ٿي. هن مطالبو ڪيو ته عوام تي معاشي بار وجهڻ بدران سندن بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي ورهاست بابت مبينا سازشن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي الزام لڳايو ته وفاقي وزير ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جا اڳواڻ سنڌ جي ورهاست جي سازش ۾ مصروف آهن. هن واضح ڪيو ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي.ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته ملڪ جا عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومتي پاليسين سبب عام ماڻهوءَ لاءِ زندگي گذارڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي، تنهن ڪري قومي وسيلن ۽ مالي پاليسين ۾ عام شهرين جي مفادن کي اوليت ڏني وڃي.سنڌ جي ورهاست واري معاملي تي ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه سوال اٿاريو ته ملڪ کي ججن، جرنيلن ۽ حڪمرانن لٽيو آهي ته پوءِ ان جي ذميواري سنڌ تي وجهي صوبي کي ورهائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي؟ هن چيو ته سنڌ هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي وحدت رکي ٿي ۽ ان جي وحدت خلاف ڪنهن به قدم جي مخالفت ڪئي ويندي.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جو احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ ڪنهن به جماعت يا فرد کي قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي، پر موجوده حالتن ۾ وطن جي بقا ۽ سنڌ جي حقن جو تحفظ بنيادي اهميت رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر قومي سلامتي، صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ جي وحدت جي معاملي تي اصولي موقف اختيار ڪرڻ ضروري آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيهي ٿي ۽ سنڌ جي حقن ۽ وحدت جي تحفظ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري ٿي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي به ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندي. هن زور ڀريو ته عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي جي خاتمي ۽ سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ سياسي جماعتن کي ذاتي ۽ جماعتي مفادن کان مٿانهون ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.










