آءِ ايم ايف مشن پاڪستان پهچي ويو، ڳالهين جو اڄ کان آغاز

آءِ ايم ايف مشن پاڪستان پهچي ويو، ڳالهين جو اڄ کان آغاز

ڪراچي/اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ معاشي جائزي بابت ڳالهين جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو مشن پاڪستان پهچي ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو مشن هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهي، جتي اڄ کان اسٽيٽ بينڪ جي اختيارين سان ڳالهين جو آغاز ٿيندو. ذريعن موجب ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ اسٽيٽ بينڪ اختيارين سان ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهين ٿيندا، جنهن دوران مرڪزي بينڪ جا عملدار آءِ ايم ايف مشن کي ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندا. آءِ ايم ايف کي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مانيٽري پاليسي، درآمدات ۽ فارن ايڪسچينج جي صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏني ويندي. ذريعن موجب پاڪستان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 17 ارب ڊالر کان وڌيڪ رکڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. ٽيڪنيڪل ڳالهين دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري، پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ يورو بانڊ جي ڪامياب اجرا بابت پڻ آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب ٻاهرين ذريعن کان حاصل ٿيندڙ رقم بابت به آءِ ايم ايف وفد کي آگاهه ڪيو ويندو. اسٽيٽ بينڪ سان ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف جو مشن 25 سيپٽمبر تي اسلام آباد روانو ٿيندو، جتي ڳالهين جو ايندڙ مرحلو جاري رهندو. آءِ ايم ايف وفد صوبائي حڪومتن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان باضابطه ڳالهين جو آغاز ناڻي واري وزير جي آمريڪا کان واپسي کانپوءِ 28 سيپٽمبر کان ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت، نجڪاري واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي اختيارين سان به ڳالهين جا مختلف دور ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو