اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آسان خدمت مرڪز وڌائڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ڪمن جي لاءِ آفيسن جا چڪر ختم ٿيڻ گهرجن.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي ڪارڪردگي، واڌ ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ نوان آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهرين کي گهرن آڏو تيز، شفاف ۽ معياري خدمتون فراهم ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.وزيراعظم چيو ته عوام کي سرڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ آفيسن جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. آسان خدمت مرڪز جي ذريعي شهرين کي هڪ ئي ڇت جي هيٺيان ڪيترن ئي سرڪاري خدمتن جي وقت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.شهباز شريف پاڪستان آسان خدمت سينٽر ۾ مختلف سهولتون جي فراهمي جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ ۽ اسلام آباد ۾ موجود پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي واڌ جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم اسلام آباد آسان خدمت مرڪز ۾ شهرين جي ضرورت موجب مختلف ڪائونٽرز تي عملي جي تعداد وڌائڻ جي به هدايت ڪئي هن مرڪز جي ٽئين ڌر کان ڪرايل ڪارڪردگي جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم مظفر آباد، گلگت ۽ اسڪردو ۾ آسان خدمت مرڪز تي جاري ڪم تيز ڪري انهن سينٽرن کي جلد فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.شهباز شريف پشاور ۽ بنون ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻنهي شهرن ۾ موجود وفاقي عمارتن ۾ مرڪز جي قيام جو جامع منصوبو جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجي شعبي سان گڏجي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به پاڪستان آسان خدمت مرڪز قائم ڪيا وڃن.اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي بريفنگ به ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيمه، عطاءُالله تارڙ، شزا فاطمه خواجه، طارق فضل چوڌري ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.










