ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ همراهه پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. ڪراچي جي علائقي ايف بي ايريا ياسين آباد ۾ پيش آيل واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل همراهه جي سڃاڻپ 48 ورهين جي عظيم طور ٿي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب زخمي کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته همراهه پاران پاڻ کي باهه ڏيڻ جو ڪارڻ فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي.










