ايران جنگ هلندڙ سال ئي ختم ٿي ويندي: ڊونلڊ ٽرمپ

ايران جنگ هلندڙ سال ئي ختم ٿي ويندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جنگ هلندڙ سال ئي ختم ٿي ويندي، ۽ اها به ئي ممڪن آهي ته جنگ نومبر جي مٿئين يا وچين مدتي چونڊن کان فوري طور پوءِ پڄاڻيءَ تي پهچي.امريڪي صدر موجب ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مسلسل رابطا ڪري رهيو آهي، پر ايران سان اهڙو ڪو به معاهدو نه ڪيو ويندو جيڪو اسان جي مفاد ۾ نه هجي.ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خليجي ملڪ ايران سان ملاقاتون ڪن ٿا ته کيس ڪو به اعتراض ناهي، اهو انهن جو پنهنجو ذاتي فيصلو آهي.امريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران جنگ ختم ٿيندي ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان لاٿ ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو