اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مڪي شريف تي يمن جي حوثين جي حملي جي سخت مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان مڪي شريف جي تحفظ لاءِ سعودي عرب سان گڏ آهي، حوثين کي پنهنجون سرگرميون روڪڻيون پونديون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان سجاد حيدر هفتيوار پريس بريفنگ جي دوران چيو ته مڪي شريف کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش هڪ ڳڻتي جوڳو قدم آهي جنهن سان سموري دنيا جي مسلمانن جا جذبات مجروح ٿيا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مقدس هندن تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان سعودي عرب جي خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن جو چوڻ هو ته اسان وچ اوڀر جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون پاڪستان ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جي حمايت جاري رکندو.ترجمان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڀارتي بحري جهاز 15 سيپٽمبر 2026 تي پاڪ نيوي مشق سان اسپارڪ 26 جي دوران پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ جارحانه چرپر ڪري عالمي قانون ۽ ٻطرفي معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي. انهي واقعي تي ڀارت جي سفير کي گذريل رات پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو. اڄ نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفير به ڀارتي پرڏيهي وزارت ۾ احتجاج ڪندو.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي قدم سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڀارت غير ذميوارانه قدمن کان پاسو ڪري جيڪو عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ترجمان چيو ته پاڪستان جي لاءِ 47 سالن کان پوءِ آمريڪا ايران کي هڪ ميز تي ويهارڻ وڏي ڪاميابي هئي پاڪستان سمجهي ٿو ته مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪرڻ سان امن ۽ استحڪام ممڪن ٿي سگهي ٿو. مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي حوالي سان ترجمان جو چوڻ هو ته مڪه معاهدو جاري تعاون ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي ٿو. مڪه معاهدي جي سيڪريٽري جنرل جي حوالي سان اڃان تائين فيصلو نه ٿيو آهي.هن چيو ته امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ سموري خطي جي مفاد ۾ آهي. قطر ۽ ترڪي افغانستان سان ٽياڪري لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو، دوست ملڪن جي ڪوششن باوجود افغان رد عمل منفي رهيو. پاڪستان افغانستان مان دهشتگردي نه ٿيڻ جي يقين دهاني چاهي ٿو چين سميت سمورا علاقائي ملڪ خطي ۾ امن جا خواهشمند آهن. اسان جو مقصد خطي ۾ امن استحڪام آهي. ترجمان چيو ته ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي دفاعي تعاون کي سياحت تائين وڌائڻ تي غور ٿيڻ گهرجي، ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي تعاون تي اهم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.










