لاهور: ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جا پيٽروليم ليوي خلاف سموري ملڪ ۾ ڌرڻا ٻئي مهيني ۾ داخل ٿي ويا، لاهور، پشاور ۽ ڪراچي سميت 40 هنڌن تي احتجاج جاري آهي. جڏهن ته امير حافظ نعيم الرحمان هڪ دفعو پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ جون تياريون مڪمل آهن، حڪومت رليف جو ڊرامو بند ڪري، پيٽروليم ليوي ڀتو ختم ڪري، 17 سيپٽمبر تي مارچ بابت لائحه عمل جو اعلان ڪندس. حافظ نعيم الرحمان چيو ته گذريل سال 1567 ارب روپيه ليوي جمع ڪئي وئي، پر ٻئي طرف حڪومت پاليسي ريٽ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. پاڪستان ۾ هڪ متوازي معيشت موجود آهي ايتري وڏي خريد ۽ وڪرو ڪٿي به حساب ۾ نه پئي اچي.
هن چيو ته حڪومت ليوي جي نالي تي غنڊه گردي ڪري رهي آهي في ليٽر 135 روپيه ڀتو وٺي رهي آهي اسان حڪومت کي پاليسي ريٽ 3 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي فائدن کان آگاهه ڪري چڪا آهيون ۽ ليوي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان به فارمولو ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي امير اسٽيٽ بينڪ طرفان پاليسي ريٽ برقرار رکڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت دعويٰ ڪندي آهي ته مهانگائي گهٽ ڪئي وئي آهي پر لاڳيتو وياج جي شرح سان قرض وڌندو. ليوي ختم ڪرڻ ۽ پاليسي ريٽ گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙين حالتن ۾ عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتون وڌيون ته حڪومت کي پنهنجا محصولات گهٽ ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته حڪومت 25 ارب روپين جو رليف ڏنو آهي، قوم کي لائنن ۾ لڳائي ڪوبه احسان نه پيو ڪيو وڃي. پيٽرول پمپس تي ايپ ڏسبي رهبي ۽ رش لڳل رهندو. جڏهن ته جن ذريعي رليف ڏنو پيو وڃي انهن سان ڳالهايو ئي نه پيو وڃي. حافظ نعيم چيو ته حڪومت رليف پيڪيج جو اعلان ڪري انهي جي اشتهارن تي ڪروڙين روپيه خرچ ڪري ڇڏيا. هن چيو ته حڪومت جو ڪم قوم کي رليف ڏيڻ آهي. ڏيکارڻ جي پيڪيج جي بجاءِ ليوي جو ڀتو ختم ڪيو وڃي ۽ رليف جو اهو طريقو ختم ڪيو وڃي.
هن چيو ته مريم نوازشريف ڪڏهن ٽريڪٽر ته ڪڏهن ليپ ٽاپ اسڪيم کڻي ايندي آهي، حڪومت کي اصل مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. جيستائين ليوي ختم نه ٿيندي مسئلا ختم نه ٿيندا. حافظ نعيم سوال اٿاريو ته مريم نواز 11 ارب روپين جو جهاز ڪنهن جي پئسن کان خريد ڪيو؟ هن دعويٰ ڪئي ته هو ڌيءَ جي گريجوئيشن جي ڊگري وٺڻ لنڊن وئي تڏهن پنجاب ۾ نائين ڪلاس جا ٻار فيل ٿي رهيا هئا










