اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت ڳالهين جي ڪا گنجائش نه ڇڏي آهي. اپوزيشن اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڳالهه ٻولهه سياسي لهجي ۾ ٿيڻ گهرجي.جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته حڪومت جا اپوزيشن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان انهن ڳالهين جو حصو نه هئاسين، پر ڳالهين سان اسان کي اختلاف ناهي. هن چيو ته ملڪ اندر سياسي حوالي سان اعتدال طرف وڌڻ گهرجي. تجويز آئي آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنهن کانپوءِ مشاورت سان گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. اسان گڏيل سوچ سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته پنهنجي پنهنجي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ گڏيل ايجنڊا تحت ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. اسان آئين ۽ رياست سان گڏ بيٺل آهيون، اسان سڀ محب وطن آهيون. هن چيو ته جيڪا ڳالهه ٻڌي آهي، ان موجب حڪومت مستقبل لاءِ ڳالهين جي ڪا گنجائش نه ڇڏي آهي. جڏهن ڳالهيون ٿين ته اهي سياسي لهجي ۾ ٿيڻ گهرجن. مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان به لانگ مارچ ڪيا آهن، اهو هڪ جمهوري حق آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسلام آباد اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي ته ان ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي.










