لانگ مارچ جو پنجون ڏينهن، قافلي جو اڄ پشاور ۾ پڙاءُ

لانگ مارچ جو پنجون ڏينهن، قافلي جو اڄ پشاور ۾ پڙاءُ

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو اڄ پنجون ڏينهن آهي، جڏهن ته مارچ جا شرڪت ڪندڙ اڄ پشاور ۾ پڙاءُ ڪندا. سهيل آفريدي چيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ، پوءِ ٽي ٽوئنٽي ۽ آخر ۾ ٽي ٽين کيڏنداسين. هن چيو ته هي بلاول ۽ مريم وارو لانگ مارچ ناهي، هن ڀيري ڪو به فڪس ميچ ناهي. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته لانگ مارچ کڻي ايندڙ فڪس ميچ کيڏي ايندا هئا. سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته خيبر پختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريندڙ بوکلاهٽ جو شڪار آهن. هن چارسده ۾ اڄ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪرڻ جو به چيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو